اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غربت جي خاتمي، تعليم ۽ احتياطي صحت تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ??نو آهي ته جيئن پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي آڻي سگهجي ۽ محروم طبق?? جي حق?? جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. ايوان صدر ۾ اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن زور ??نو ته پاڪستان کي وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي آڻڻ جي لاءِ ملڪ جي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۽ تعليم ۽ صحت جهڙن بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن معاشري کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي لاءِ معاشي ۽ سماجي شعبن ۾ بهتر فيصلاسازي ۽ پاليسين کي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ??نو. هن ڪوريا جو مثال ڏنو جنهن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستا?? جي ماهر معاشيات ڊاڪٽر محبوب الحق جي پاليسين کي اختيار ڪيو ۽ تيزي سان ترقي ??ئي ۽ چيو ته ماضي ۾ پاڪستان ۾ رڳو زباني دعويٰ ??ئي ويندي رهي پر ملڪ جي معيشت کي ترقي نه ملي. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ضروري آهي پر جائيداد?? جي خريداري ۾ ڦاسڻ بدران پئسو گردش ۾ رهڻ گهرجي ۽ ماڻه?? جي روزگار جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته يورپي ملڪن پاران قومي رياست جو تصور ??يترن ئي رخن کان ناڪام ٿيو، انسانن جو استحصال ٿيو ۽ موجوده صديءَ ۾ به رتوڇاڻ رڪجي نه سگهيو. صدر چيو ته پاڪستان هڪ اسلامي جمهوري رياست آهي ۽ ا?? جي عوام کي قرآن، سنت ۽ ا?? جي عالم سڳور?? جي راءِ مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي. قرآن مجيد جي آيت?? جي تلاوت ڪندي هن چيو ته قرآن اخلاقي زندگي گذارڻ جي لاءِ سڌي راهه تي گامزن هجڻ جو حل پيش ڪيو آهي. صدر جو چون هو ته اسلام رڳو رسمن جو مذهب نه آهي پر ان جا ڪجهه بنيادي تصور آهن جن کي اختيار ڪري سڌي رستي تي هلڻ گهرجي. هن زور ڏ??ي چيو ته پاڪستان ۾ مسلمانن کي الله جو خوف پيدا ڪرڻ گهرجي، ديانتداري ۽ تقويٰ جي قدرن کي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ معاشري ۾ ضرورتمند ۽ ڪمزور ماڻهن سان ونڊڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ نه گهرجي پر ماڻهن کي پنهنجي ڪردار کي بهتر بڻائڻ، ڪميونٽي جو احساس پيدا ڪرڻ، خيرات ڏيڻ ۽ اهڙن قدر?? جي پيروي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي هڪ بهتر ۽ خدا کان ڊڄڻ وارو معاشرو جوڙين. معاشري کي مجموعي طور تي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ڇو ته قائداعظم واضح طور تي چيو هو ته عورت?? جي ترقي کانسواءِ پاڪستان اڳتي نه ٿو وڌي سگهي، هن چيو ته اسلام پهريون مذهب آهي جنهن عورتن کي وراثت جو حق ڏنو. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ تعليم کان محروم آه?? جيڪو پاليسي ساز?? جي لاءِ سخت ڳڻتي جو سبب هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته خصوصي ماڻه?? جي حقن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي آءِ سي سي آءِ جي صدر احسن ظفر بختاوري پڻ خطاب ڪيو ۽ واپاري برادري کي درپيش مسئلن تي روشني وڌي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آءِ سي سي آءِ) جي اڳوڻي صدرن ۾ شيلڊز پڻ ورهايون.