اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگرا?? وفاقي وزير مدد علي سنڌي نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن (نيوٽيڪ) جو دورو ڪيو، دوري جو مقصد نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي مينڊيٽس ۽ ان جي موجوده منصوبن بابت بريفنگ وٺڻ هو. نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان نگرا?? وفاقي وزير کي ٽيوٽ تي ٻڌل مختلف قدمن ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي گڏي?? منصوبن بابت ٻڌايو جن ۾ پرائيم منسٽر يوٿ اسڪل ڊيولپمينٽ پروگرام، هنر سڀني جي لاءِ ۽ تڪافل اسڪل ويريفڪيشن پروگرام کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٽيوٽ جي شعبي کي وڌائڻ ۽ نوجوانن کي مارڪيٽ سان هلندڙ شعبن ۾ مهارتن سان بااختيار بڻائڻ. نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پ??ڪس??ان ۾ ٽيوٽ جي منظرنامي کي عالمي معيار موجب تبديل ڪرڻ جي لاءِ صوبائي ٽيوٽ شعبن ۽ عالمي حصيدارن سان انضمام جي اهميت تي زور ڏنو. تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگرا?? وفاقي وزير پ??ڪس??ان ۾ ٽيوٽ جي شعبن ۾ سڌارن ۽ استحڪام جي لاءِ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن تڪافل اسڪل ويريفڪيشن پروگرام ۾ گهري دلچسپي ورتي جيڪو سعودي عرب ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جي وچ ۾ مهارت جي جاچ، سرٽيفڪيشن ۽ پ??ڪس??اني هنرمند فورس کي فروغ ڏيڻ جو گڏي?? منصوبو آهي. نگرا?? وفاقي وزير ٻڌايو ته نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن روايتي ۽ هائي ٽيڪ اسڪل پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي هنرمند بڻائي ملڪ جي معاشي ڪردار ۽ اسڪل ڊيولپر ۾ وڌيڪ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن وڌيڪ بڌايو ته سندس اولين مقصد پ??ڪس??ان ۾ هنرمندي جي تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ جي لاءِ ٻين مهارت تي ٻڌل ملڪن سان تع??ون ڪرڻ آهي جنهن سان آخرڪار پ??ڪس??اني افرادي قوت کي عالمي سطح تي تسليم ۽ قبول ڪيو وڃي. نگرا?? وفاقي وزير نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن کي دلي طور تي تع??ون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو يقين ڏياريو. هن ٽيوٽ جي شعبي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ باقاعدگي سان نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن جو دورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو سندس قيادت ۾ پ??ڪس??ان ۾ هنرمندي جي ترقي ۽ تعليم جي لاءِ مستقبل جو واعدو ڪري ٿو.