اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پو??يو جو خاتمو اسان جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي، ان موذي مرض کان اسان کي پنهنجي ايندڙ نسل کي بچائڻ آهي، ملڪ ک?? پوليو کان پاڪ ڪرڻ جي عزم سان پو??يو جي خاتمي جي جنگ کٽينداسين، پو??يو ورڪرز اسان جا اصل هيروز آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ پو??يو جي خاتمي جي مهم جي شروعات واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگ??ان وزيراعظم چيو ته هن ٻارن ک?? پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري 5 ڏينهن واري قوم?? پوليو جي خاتمي واري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. هن ان مهم دوران 5 سالن تائين جي عمر جي 4 ڪروڙ 40 لک کان وڌيڪ ٻارن ک?? پوليو جي خاتمي جا ڦڙا پياريا ويندا. ان قومي مهم ۾ ساڍ?? 3 لک پو??يو ورڪرز حصو وٺي رهيا آهن، جيڪي اسان جا اصل هيروز آهن ۽ فرنٽ لائين ورڪرز آهن، حڪومت انهن سان گڏ بيه?? پوليو جي خاتمي لاءِ جنگ پنهنجي عالمي حصيدارن سان وڙهي رهي آهي ۽ ان موذي مرض کان اسان جي ايندڙ نسل کي بچائڻو آهي، اهو اسان سڀني جو ديني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي. نگ??ان وزيراعظم سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ايندڙ نسل کي ان مرض کان بچائڻ جي مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن ۽ الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جي خوشنودي ۽ پنهنجي آخرت سنوارڻ جي لاءِ حڪومت جي مدد ڪن. هن چيو ته ان مهم کي اسان کي اهڙو مشن سمجه?? پورو ڪرڻو آهي جنهن سان عالمي دنيا ۽ مسلمان امت جي اهڙي تصوير پيش ٿئي جنهن ۾ پنهنجي ٻارن جي حفاظت جي لاءِ ڀرپور عزم جو اظهار ٿئي ۽ انهي عزم سان پو??يو جي خاتمي واري جنگ اسان ضرور کٽينداسين.