ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پ??ڏيهي پ??ليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو ضامن آهن، سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پ??ڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ ??يڙ??ڪاري کان وٺي ثقا??تي ۽ عوام سان عوام جي لاڳاپن تائين تعاون جي مختلف شعبن ۾ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ارومچي ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پولٽ بيورو جي مرڪزي ميمبر ۽ سنڪيانگ ايغور خودمختيار علائقي جي پ??رٽي سيڪريٽري ما??نگروئي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي چين سان دوستي جي حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪن??ي نگران وزيراعظم چيو ته چين سان لاڳاپا پاڪستان جي پ??ڏيهي پ??ليسي جو سنگ بنياد ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جو ضامن آهن. بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪيانگ سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪن??ي نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چيني قيادت جي مضبوط ذاتي عزم کي ساراهيو. پاڪستان جي لاءِ سنڪيانگ جي اهميت جو ورجاءُ ڪن??ي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هي خطو پاڪستان سان جاگرافيائي، تاريخي ۽ ثقا??تي ڳانڍاپي جي ڪري هڪ خاص اهميت رکي ٿو. هن سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پ??ڙيسري علائقن جي وچ ۾ واپار ۽ ??يڙ??ڪاري کان وٺي ثقا??تي ۽ عوام سان عوام جي رابطن تائين تعاون جي مختلف شعبن ۾ رابطن کي گهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. سنڪيانگ جو دورو ڪرڻ تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي پ??رٽي جي سيڪريٽري ما??نگروئي چيو ته ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪستان ۽ سنڪيانگ لاڳاپن کي گهرو ڪرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن سنڪيانگ پاران پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ واپار جا موقعا ڳولڻ ۽ خنجراب – سوست بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي واپاري ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي پ??ڙيسري علائقن جي وچ ۾ تعاون جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.