اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خنجراب پاس کا?? وٺي سوات تائين جي علائقي ۾ سياحت جي فروغ جي تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري ڪاروباري شخصيت ۽ پاڪستان سروس لميٽيڊ جي ??يف ايگزيڪيوٽو آفيسر ??رت??يٰ هاشواڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي ??اروباري سگهه کي مڪمل ??ور تي استعمال ۾ آڻڻ تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ??رت??يٰ هاشواڻي نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻڻ جي ??امياب ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ذريعي ملڪ جي ??اروباري برادري ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪاروباري حصيداري جي تجويز پيش ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته خنجراب پاس کا?? وٺي سوات تائين جي علائقي ۾ سياحت جي تمام گهڻي سگهه موجود آهي. پاڪستاني ڪاروباري برادري ۽ چيني تعاون جي ذريعي خنجراب پاس کا?? وٺي سوات تائين جي علائقي جي سياحت جي شعبي ۾ خاطرخواهه ڪم ڪري سگهجي ٿو. ملڪ ۾ سياحتي ماڳن تي موجود سرڪاري ملڪيتي عمارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي.