استنبول – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي گهرواريءَ خاتون اول بيگم سعديه رحمت الله غزه ۾ گهيريل فل??طيني عورتن ۽ ٻارن سميت شهرين جي خلاف اسرائيل جي وحشياڻي طاقت جي استعمال جي مذمت ڪندي زور ڏنو آهي ته عال??ي برادري کي اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ جي لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. استنبول ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري پڌرائي موجب ترڪيه جي خاتون اول ايمن اردوان جي دعوت تي خاتون اول بيگم سعديه رحمت الله فل??طين جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لا??ِ هتي منعقد يونائيٽيڊ فار پيس سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. بيگم سعديه رحمت الله پنهنجي خطاب ۾ فل??طيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه ۾ هن وقت محصور عورتن ۽ ٻارن سميت شهرين جي خلاف اسرائيل جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ طاقت جي استعمال جي مذمت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسرائيل پاران غيرانساني ڏاڍ ۽ ظلم هڪ جنگي ڏوهه آهي ۽ عال??ي برادري کي اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غزه جو گهيراءُ ختم ڪرائڻ جي لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن جنگ بندي ۽ انساني امداد جي فراهمي جي لا??ِ پاڪستان جي ترجيحن تي زور ڏنو ته جيئن غزه جي ماڻهن تائين خوراڪ ۽ دوائون بنا ڪنهن دير جي پهچي سگهن. هن فل??طين مسئلي جي عالمي قانون، او آءِ سي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن موجب منصفاڻي، ٺوس ۽ پائيدار حل تي زور ڏنو. هن تازو ئي منعقد ٿيندڙ گڏيل عرب اسلامي سربراهي غيرمعمولي اجلاس ۾ منظور ڪيل قرارداد جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. غزه جي ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي هن چيو ته پاڪستان فل??طينين جي لا??ِ امدادي کيپ موڪلي آهي ۽ غزه جي لا??ِ هڪ بنا روڪ ٽوڪ ۽ غيرمشروط انساني لنگهه قائم ڪرڻ جي لا??ِ وڌيڪ امداد موڪلڻ جو ارادو رکي ٿ??. بيگم سعديه رحمت الله ترڪ خاتون اول ايمن اردوان جو غزه سميت والاريل فل??طيني علائقن جي خراب صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لا??ِ اجلاس منعقد ڪرڻ تي ٿ??را مڃيا.