اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??وس سان ٻطرفا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ ??وس جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ڊانيلا گاينچ سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته پاڪستان ??وس سان ڊگهي مدي ۽ گهڻ رخي حصيداري جو خواهش??ند آهي، پاڪستان ??وس سان واپار، معيشت، خوراڪ جي تحفظ، توانائي، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ تعاون چاهي ٿو. هن ??يو ته پاڪستان ??وس سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ننڍي مدي وارن فورمز تي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته پاڪ ??وس لاڳاپا گڏيل قومن جي مرڪزيت ۽ اصولن تي ٻڌل عالمي نظام جي گڏيل موقف تي ٻڌل آهن. صدر غزه جي صورتحال، فلسطيني عوام تي اسرائيلي ظلمن تي روشني وجهندي عورتن، ٻارن، صحافين سميت هزارين فلسطينين جي قتل جي مذمت ڪئي. صدر پاڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ڪردار کي ساراهيو. صدر روسي سفير جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.