اسلام آباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پنجاب ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي سب ڪيمپس جي تعمير ۾ غير م??مو??ي دير جو سخت نوٽيس وٺندي 4 جنوري تائين انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وفاقي وزير ايڇ اي سي جي ايڊوائيزر پلاننگ ۽ قائداعظم يونيورسٽي جي پي اينڊ ڊي جي ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي. هن چ??و ته اهڙي طرح جي دير اسان جي نوجوانن جي تعليمي سفر ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هن ايڇ اي سي ۽ قائداعظم يونيورسٽي کي حڪم ڏنو ته هو ان با?? سمورن التوا ۾ پيل مسئلن کي فو??ي طور تي حل ڪن ۽ ڪيمپس جي جلد تعمير کي يقيني بڻائڻ لاءِ پنجاب حڪومت سان وڌيڪ تعاون ڪن. هن چ??و ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته لاڳاپيل کاتن کي ناڪاره ۽ غير موثر انتظام لاءِ جوابده بڻايو وڃي. مدد علي سنڌي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جو اوچتو دورو ڪيو، هن هاسٽلز جو دورو ڪيو ۽ چ??و ته هاسٽلز جي موجو??ه حالت رحم جوڳي آهي، هن سهولتن جي ناقص سارسنڀال تي روشني وڌي، شاگردن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ناڪافي تعليمي سهولتن جهڙوڪ انٽرنيٽ جي دستيابي با??ت پنهنجي درخواست تي روشني وڌي. نگران وفاقي وزير صورتحال جو نوٽيس وٺندي فو??ي طور تي هاسٽلز جي بحالي جو حڪم ڏنو، هن چ??و ته شاگرد ان وقت تائين تعليم نٿا حاصل ڪري سگهن جيستائين کين بنيادي سهولتون ميسر نه هجن. هن چ??و ته جيڪڏهن شاگردن کي اهڙي طرح جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ته انهن لاءِ پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ ناقابل تصور آهي. هن شاگردن کي خاطري ڪرائي ته هو هاسٽلز جي حالت کي فو??ي طور تي بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏيندو، هن چ??و ته اهڙن مسئلن کي جنگي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي انهن مسئلن جي فو??ي حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.