اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي قابض عملدارن پاران مسلم ليگ ڄمون ?? ڪشمير کي پنجن سالن جي ??اءِ ”غيرقانوني“ قرار ڏيڻ جي ??يصلي جي ??ذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پارٽي جي ??يادت هڪ ناليوارو ڪشميري اڳواڻ مسرت عالم بٽ ڪري رهيو آهي جيڪو 20 سالن کان وڌيڪ عرصي کان قيد ۾ آهي، مسلم ليگ ڄمون ?? ڪشمير پنجين ڪشميري پارٽي آهي جنهن کي غيرقانوني سرگرمين جي (روڪٿام) ايڪٽ (يو اي پي اي) تحت ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. بيان موجب ان کان اڳ ڄمون ?? ڪشمير لبريشن فرنٽ، جماعت اسلامي ڄمون ?? ڪشمير، دختران ملت ۽ ڄمون ?? ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي، انهن پارٽين جي ??يادت کي ڊگهي حراست ۽ ملڪيتن جي ضبطگي جي ذريعي مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن سال جي شروع ۾ سرينگر ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آفيس کي پڻ سيل ڪيو ويو هو. بيان موجب سياسي پارٽين تي پابندي ۽ انهن جي ??يادت تي ظلم ۽ ڏاڍ جمهوري اصولن ۽ عالمي انساني حقن ۽ انساني قانونن جي ??اضح خلاف ورزي آهي ۽ اهو قدم اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي خواهش ظاهر ڪري ٿو. بيان موجب ڄمون ?? ڪشمير جي عوام ڀارت جي ??بضي کي مستحڪم ڪرڻ ??ي انهن سخت حربن کي مسلسل رد ڪري ڇڏيو آهي، اهي قدم گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن جي ??اضح خلاف ورزي آهن جيڪي ڄمون ?? ڪشمير جي ??اڻهن جي بنيادي حقن بشمول خودمختياري جي حق جي توثيق ڪن ٿا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ??ي فوري طور تي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ?? ڪشمير ۾ ڪالعدم سياسي پارٽين تي هنيل پابنديون هٽائڻ گهرجن، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ۽ ڄمون ?? ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.