اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي، ٻنهي م??ڪن جي لاڳاپن جو مستقبل انتهائي روشن آهي، صدر شي جي ??ال??گير ترقي جي نظريي جي دنيا معترف آهي، صدر شي سدائين انسانيت جي لازوال اصولن کي فروغ ڏنو. نئ??ن سال شروع ٿيڻ تي چائنا ريديو انٽرنيشنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ عوامي جمهوريه چين جي عوام کي نئ??ن سال تي مبارڪباد ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا سدائين سدابهار رهيا آهن، ڪا به حڪومت يا موسم هجي، چين پاڪستان جي لاڳاپن ۾ سدائين بهار رهي آهي ۽ رهندي. هن چيو ته عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ جي نئ??ن سال جي پيغام جي آجيان ڪريان ٿو ته هن انسانيت جي لازوال اصولن کي فروغ ڏنو. هن چيو ته جڏهن کان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي جي شروعات ٿي پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا هڪ نئ??ن دور ۾ داخل ٿيا آهن. ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ واپار کي فروغ مليو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن تي عوامي جمهوريه چين ۽ چين جي قيادت جا ٿورائتا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدر شي جن پنگ جي ترقي جو نظريو ڪنهن جزيري جي ترقي نه پر هڪ ??ال??گيريت تي ٻڌل نظريو آهي ته ڪو ملڪ باقي دنيا کان جدا رهي ترقي نه ٿو ڪري سگهي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته ڪو هڪ ملڪ امير ٿي وڃي ۽ باقي دنيا اسرندڙ رهي، ترقي هڪ ٻئي سان گڏجي ئي م??ڪن آهي. هن چيو ته ترقي جا ثمر ۽ فائدا تڏهن ئي پهچن ٿا جڏهن ترقي محدود نه رهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته چين جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ترقي جي هڪ نئ??ن نظريي کي جنم ڏنو آهي جنهن جي دنيا هاڻي قدر ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته صدر شي جن پنگ ۽ عوامي جمهوريه چين جو نظريو دنيا جي ڪيترن ئي م??ڪ قبول ڪيو آهي، آفريقا جي ڪيترن ئي م??ڪن سان چين جو تعاون جاري آهي، اسان جي خطي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ به ??ال??گيريت تي ٻڌل ترقي جي اهو نظريو وڌي رهيو آهي. هن چيو ته وچ ايشيا جا ڪيترائي م??ڪ اڳ ۾ ئي بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جي م??صوبن تي عمل ڪري رهيا آهن جڏهن ته يورپ جي اندر به ان جي قبوليت ٿي رهي آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ صدر شي جن پنگ جو ??ال??گيريت تي ٻڌل نظريو وڌيڪ وڌندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ جي جڏهن شروعات ٿي ته وڌيڪ ڌيان توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي م??صوبن تي هو، هن وقت سي پيڪ تحت ڪيترن ئي شعبن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انفارميشن ٽي??نالاجي، مائننگ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، زراعت، ايگرو بيسڊ انڊسٽري ۽ ٽوئرازم جي شعبن ۾ تعاون وڌي رهيو آهي، تعاون جا نوان رستا کلندا پيا وڃن. هڪ سوال تي هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، هزارين پاڪستاني شاگرد ۽ شاگردياڻيون چين جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اهي ماڻهو پنهنجا تجربا گڏ آڻيندا. هن چيو ته ريديو پاڪستان ۽ چائنا ريڊيو انٽرنيشنل جي وچ ۾ تعاون جي نتيجي ۾ اسان جا پروفيشنلز چين ويا ته انهن خوشگوار تجربا پاڻ سان گڏ آندا. هن چيو ته پاڪ چين دوستي رڳو نعرن تائين محدود نه آهي. هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو مستقبل تمام روشن آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سي پيڪ تحت ٿيندڙ ترقي ماڻهن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آندي آهي، ميڊيا ان ڏس ۾ ماڻهن جي زندگين تي سي پيڪ جي مثبت اثرن کي سامهون آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.