اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران امن ۽ خوشحالي جي مقصدن کي حاصل ڪر?? جي لاءِ گڏيل احترام ۽ گڏيل چئلينجن ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل موقف جي بنياد تي ڪم ڪر?? تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ ايران?? پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنه?? پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن کي مثبت انداز ۾ اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مضبوط مڪالمن ۽ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ان موقعي تي ٻنهي ڌرين امن ۽ خوشحالي جي لاءِ گهربل مقصدن کي حاصل ڪر?? جي لاءِ گڏيل احترام جي بنياد تي ۽ گڏيل چئلينجن ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ اجتماعي موقف جي بنياد تي ڪم ڪر?? تي اتفاق ڪيو.