اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف، رمضان پئڪيج جو ڳاڻيٽو ساڍا 7 ارب رپين مان وڌائي ساڍا 12 ارب رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان ج??ري بيان موجب وزيراعظم رمضان رليف پئڪيج جو ڳاڻيٽو وڌائڻ کان علاوه ان جو دائرو به وسيع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آ??ي. يوٽيليٽي اسٽورز ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان گڏوگڏ موبائيل يونٽس به سستي اگهه تي ک??ڌي پيتي جون شيون فراهم ڪندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وڌ کان وڌ غريب، مسڪين ۽ حقدار ماڻهن تائين رمضان رليف پئڪيج پهچايو وڃي، شروعاتي طور 1200 موبائيل پوائنٽس ۽ 300 مستقل پئڪيج رليف مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. پهرين رمضان کان رمضان جي پڄاڻي تائين رليف پئڪيج تحت عام بازار کان گهٽ قيمت تي شيون فراهم ڪي??ن وينديون.طئي ڪي?? هنڌن کان علاوه ٽرڪون مختلف علائقن ۾ غريب عوام کي سستيون شيون پهچائينديون. هنڌ جو تعين ج??يد ٽيڪنالاجي جي پي ايس جي مدد سان ڪي?? ويندو. موبائيل ايپ جي استعمال جي رهنمائي لاءِ خصوصي ويڊيو جاري ڪيا ويندا. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان هلندڙ ڊيش بورڊ تيار ڪي?? پيو وڃي ته جيئن موبائيل اٽي جي وڪري جي نگراني ٿي سگهي. موبائيل يونٽس جي هڪ ٻئي هنڌ تي منتقلي دوران اٽي جي فراهمي جو عمل جاري رکيو ويندو موبائيل ۽ لائيو فوٽيج سان اٽي جي ورهاست جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف 7 ??ارچ 2024ع تي ساڍا 7 ارب رپين جي سبسڊي سان رمضان رليف پئڪيج جو اعلان ڪي?? هو. 3 ڪروڙ 96 لک ڪٽنبن کي رمضان المبارڪ دوران سستي اگهه تي ک??ڌي پيتي جون شيون فراهم ڪي??ن وينديون. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اٽو، چانور، گيهه، کنڊ، شربت، کير مارڪيٽ ريٽ کان گهٽ قيمت تي فراهم ڪي?? ويندو. رمضان پئڪيج تحت حقدار ماڻهن کي بازار کان 30 سيڪڙو گهٽ قيمت تي ک??ڌي پيتي جون شيون فراهم ڪي??ن وينديون. اٽي تي في ڪلو 77 رپيا ۽ گيهه تي 100 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏني ويندي.