اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزارت ??ورتن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان هڪ خصوصي تقريب جو اهتمام ڪيو. تقريب ۾ مختلف شعبن جون ناليواريون پاڪستاني عورتون شر??ڪ ٿيون جڏهن ته اسلام آباد ۾ سفارتي ڪور جي ميمبرن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ پرڏيهي وزارت ??ي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي عورتن کي ملڪ جي ترقي ۾ انهن جي مضبوط حصيداري ۽ مثبت سماجي تبديلين کي فروغ ڏيڻ ۾ انهن جي اهم ڪردار تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري عورت ??فارتڪارن جي نمايان ڪاميابين تي پرڏيهي وزارت کي پاڪستان ۾ عوامي ادارن جي لاءِ هڪ روشن مثال طور تي اجاگر ڪيو جنهن ۾ عورت ??فيسرن جو هڪ ذڪر جوڳو انگ موجود آهي جن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي ??ڳت?? وڌائڻ ۾ بي مثال مهارت ۽ لگاءُ جو مظاهرو ڪيو آهي. تقريب ۾ هڪ پينل ڊسڪشن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ اسٽيج سيڪريٽري جا فرض پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ ادا ڪيا، جنهن ۾ بااثر عورت ??ڳواڻن جي شاندار سفر کي ڏيکاريو ويو. معزز پينلسٽس ۾ پاڪستان جي فارن سروس جي پهرين عورت ??فيسر سفير فوزيه نسرين، عوامي صحت، سماجي ڀلائي ۽ عوامي خدمت ۾ پنهنجي خدمتن جي لاءِ مشهور سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نش??ر، ادبي شعبي جي ۽ تخليقي صلاحيتون رکندڙ امينه سيد ۽ صنفي برابري، سماجي انصاف، ٻارن جي حقن ۽ ذهني صحت جي هڪ اڻٿڪ وڪيل ناديه جميل شامل هيون. پينلسٽس پنهنجي پيشيواراڻي سفر مان حاصل ٿيندڙ انمول بصيرت ??يان ڪئي جنهن ۾ صنفي حساس پاليسين کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت ۽ عورتن جي مجموعي ترقي کي آسان بڻائڻ ۽ انهن کي پنهنجي مڪمل صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو ويو. بيان موجب ”وومين آف سبسٽنس“ ايونٽ صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان جي سماجي بيهڪ ۽ عالمي حيثيت کي جوڙڻ ۾ عورتن جي انمول شرڪت کي ملهائڻ لاءِ پرڏيهي وزارت ??ي اڻٿڪ عزم جو ثبوت آهي.