اسلام آباد– 27 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي ده??تگرداڻي حملي کانپوءِ هنگامي اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ سمورن ريا??تي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ده??تگردي جو ڀرپور انداز ۾ مقابلو ڪرڻ جي عزم ورجاءُ ڪيو ويو جڏهن ته ??زيراعظم هدايت ڪئي ته ان واقعي جي گڏيل جاچ ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ داسو هائيڊل پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين تي بشام ۾ ده??تگرد حملي کانپوءِ اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن، چيف آف آرمي اسٽاف، وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل شعبن جي انسپيڪٽر جنرل پوليس شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ ترقياتي منصوبي تي ڪم ڪندڙ معصوم شهرين تي ڪڌي حملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هي منصوبو پاڪستان ۾ توانائي ۽ پاڻي جي تحفظ جي حوالي سان آهي. وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ بيگناهه چيني شهرين جي گهرڀاتين سان د??ي تعزيت جو اظهار ڪندي انهن کي يقين ڏياريو ته ان وحشياڻي فعل جي ڏوهارين کي جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم پاڪستان چين جي عوام جي ??چ ۾ ڀائيچاري جي ??ائيدار رشتي کي اجاگر ڪندي چيو ته ??وري قوم چيني شهرين جي جانين جي زيان تي ڏکويل آهي. هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ مقامي ماڻهن پاران حملي تي فوري ردعمل کي ساراهيو جنهن ۾ ڪيترين ئي قيمتي جانين کي بچايو ويو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رياست جي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ان واقعي جي گڏيل جاچ ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ده??تگردي هڪ عالمي خطرو آهي جنهن کي پاڪستان جي دشمنن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ??اءِ استعمال ڪيو آهي، پاڪ چين د????تي کي نشانو بڻائيندڙن جي انهن قدمن جو مقصد ٻنهي ڀائر ملڪن جي ??چ ۾ عدم اعتماد پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ملڪ مان د??شتگردي کي مڪمل طور تي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙ سرحد پار ده??تگردن جي ??حفوظ پناهگاهن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ده??تگردي جو مقابلو ڪرڻ جي ??اءِ علائقائي موقف جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس دوران چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ملڪ کي درپيش ده??تگردي جي ??عنت جي خاتمي جي ??اءِ هٿياربند فوج جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ??وم گذريل ٻن ڏهاڪن کان د??شتگردي جي خلاف جنگ وڙهي رهي آهي ۽ پاڪستان جي دشمنن جي ڪڌي ارادن کي ناڪام بڻايو آهي. آرمي چيف ده??تگردي جي ??اقعن ۾ تازي اضافي جي حوالي سان چيو ته ??اڪستان جي دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر رياست ۽ پاڪستان جي عوام جي حوصلي ۽ عزم جو غلط اندازو لڳايو آهي. هن چيو ته اسان د??شتگردي جي خلاف ان وقت تائين جنگ وڙهنداسين جيستائين پاڪستان، ان جي عوام ۽ هتي ڪم ڪندڙ غيرملڪي مهمانن تي بري نظر رکندڙ هر ده??تگرد جو خاتمو نٿو ٿي وڃي، اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين ته ??ر غيرملڪي شهري خاص طور تي چيني شهري جيڪي پاڪستان جي خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پاڪستان ۾ محفوظ رهن، اسان پوري طاقت سان د??شتگردي جو آخري دم تائين مقابلو ڪنداسين. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن رياست جي سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي ده??تگردي جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.