اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 5 وفاقي وزيرن کي مختلف وزارت?? جا اضافي قلمدان ڏئي ڇڏيا جڏهن ته 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ڪا??ينا ڊويزن پارا?? جاري نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم شهباز شريف پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪند?? اوورسيز پاڪستانين واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين کي مذهبي معاملن واري وزارت جو اضافي قلمدان ڏنو، نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان کي مواصلات واري وزارت جون اضافي ذميواريون ڏنيون ويون، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو اضافي قلمدان ڏنو ويو، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ کي پاڻي وسيلن واري وزارت جي اضافي چارج ملي وئي. ڪا??ينا ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 نوان ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪري ڇڏيا آهن جن ۾ راڻا احسان افضل، رومينه خورشيد عالم ماحولياتي تبديلي ۽ شبير احمد عثماني ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ج?? ڪوآرڊينيٽر هوندو.