اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران واپار ۽ مواصلاتي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪ??و آهي. اهو اتفاق وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم م??مد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ايراني صدر جي آجيان ڪئي. ٻنه?? اڳواڻن هڪ ٻئي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ملاقات ۾ چيو ته عام چونڊن کانپوءِ توهان پهريان ملڪي سربراهه آهيو جيڪو پاڪستان جو دورو ڪري ??ه??و آهي، مون سميت سڄي پاڪستاني قوم توهان جي ان دوري ??ي آجيان ڪري ٿي. ايراني صدر شاندار استقبا?? تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنه?? اڳواڻن ايران پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ، مختلف شعبن ۾ تعاون، واپار ۽ مواصلاتي رابطا وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنه?? اڳواڻن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ٻنهي ملڪن پاران گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو.