اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شه??اده فيصل بن فرحان آل سعود جي قيادت ۾ سعودي وفد هلندڙ هفتي اسلام آباد جو دورو ڪيو جنهن جو مقصد وزيراعظم محمد شه??از شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شه??اده محمد بن سلما?? جي وچ ۾ مڪه المڪرمه ۾ ٿيندڙ تازي ملاقات ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي پيروي ۾ ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه کي تيز ڪرڻ هو. ترجمان پريس بر??فنگ ۾ چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزير?? جي گڏيل صدارت ۾ ٿيندڙ ”سعودي عرب پاڪستان سيڙپڪاري ڪانفرنس“ ۾ ڌرين توانائي، کاڻي?? جي کوٽائي، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعميرات، انساني وسيل?? جي ترقي ۽ روانگي واپار جهڙن مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تجويزن تي خيال?? جي ڏي ??ٺ ڪئي. ترجمان چيو ته سيڙپڪاري ڪانفرنس جو مقصد پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ هو. هن چيو ته اسان پنهنجي اقتصادي ۽ تزويراتي حصيداري کي وڌائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان پنهنجي تعميري مصروفيتون جاري رکنداسين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزيرن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيال?? جي ڏي ??ٺ ڪئي. هن چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي ۾ وڌندڙ عدم استحڪام تي ڳڻتي ج?? اظهار ڪيو، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه ۾ گهيريل ماڻه?? جي لاءِ بنا رنڊڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو.