اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ??هي ته 9 مئي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، سياسي ۽ ذاتي مفادن جي خاطر 9 مئي تي اها حرڪت ڪئي وئي جيڪا ڪڏهن دشمن به نه ڪئي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه 9 مئي سانحي جي دل ڏکوئيندڙ واقعي جي مذمت جي لاءِ خصوصي اجلاس گهرايو ويو ??هي، اجلاس ?? پيپلزپارٽي، آءِ پي پي، نيشنل پارٽي کي به خصوصي طور تي گهرايو ويو ??هي، سمورين اتحادي پارٽين جي نمائندگي هوندي. هن چيو ??ه خصوصي اجلاس ۾ 9 مئي جي حوالي سان قرارداد پيش ڪئي ويندي، قانون واري وزارت پاران وائيٽ پيپر پڻ پيش ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ??ه باني پي ٽي آءِ سان تمام گهڻي رعايت ڪئي وئي آهي، ان جا ڀاڻيجا ۽ ڀينرُون عظميٰ خان، عليمه ??ان ۽ نورين خان به 9 مئي جي سانحي ۾ ملوث آهن، انهن کي ڇو رعايت ڏني وئي. هن چيو ??ه منهنجو سوال آهي ته 9 مئي جي ڪيسز جو فيصلو ڇو نه پيو ڪيو وڃي، ڇو ان ڪيس کي منطقي انجام تائين نه پيو پهچايو وڃي.