اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن آڏو آهن، عدليه 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سا?? گڏ پريس ڪانفرنس ۾ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن جي سا??هون موجود آهن، حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ اهو واضح آهي ته ڪير مختلف عمارتن ۾ داخل ٿيو ۽ ڪير ٻاهر بيهي هدايتون ڏئي رهيو هو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي تمام گهڻي عزت ڪر??ون ٿا، سندس ٽي ڀينرون حملي وقت اتي موجود ه??ون پر انهن تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو. هن چيو ته عدليه کي گذارش آهي ته 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جيلن جون سخت??ون ڀوڳ??ون آهن، تحريڪ انصاف جي دور ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سا?? جيلن جيڪو اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ويو، ان دور ۾ جيل عملدارن ک?? هدايتون جاري ڪ??ون و??ون ته جيلن ۾ قيد مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن ک?? ڊسمبر جي سخت سرديءَ ۾ فرش تي ويه?? تي مجبور ڪيو وڃي، انهن ک?? ڪرسيءَ ۽ وِهاڻو به فراهم نه ڪيو ويو جڏهن ته باني پي ٽي آءِ کي ورزش جي لاءِ سائيڪل ۽ واڪنگ گيلري دستياب آهي ۽ کاڌي ۾ ديسي مرغيءَ ڏني وڃي ٿي.