آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي پڄاڻي کانپوءِ ورڪنگ دوري تي ڪرغزستان جي شهر بش??يڪ روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس موجب بش??يڪ ۾ نائب وزيراعظم پاڪستاني شهرين سان ملاقات ڪندو جن ۾ پاڪستاني شاگرد به شامل آهن جيڪي ڪرغزستان ۾ تازي اڳڀرائي جي نتيجي ۾ زخمي ٿ??ڻ جي ڪري علاج هيٺ آهن. نائب وزيراعظم ڪرغزستان جي پرڏيهي وزير سان پاڪستاني شاگردن جي خد??ن بشمول پاڪستان ۾ عارضي قيام دوران انهن جي تعليم جاري رکڻ بابت مسئلن تي ڳالهه ڪندو.