اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر آص?? علي زرداري ڪلاڊيا ??ين بام کي ميڪسيڪو جي پهرين عورت صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته آئون ميڪسيڪو جي پهرين عورت صدر جي طور تي توهان جي تاريخي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته اها ڳالهه فخر جوڳي آهي ته شهيد محتر??ه بينظير ڀٽو مسلمان دنيا ??ي پهرين عورت وزيراعظم هئي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت ۽ عورتن جي خودمختياري جي لاءِ جدوجهد ڪئي. صدر چيو ته اسان توهان جي قيادت ۾ ميڪسيڪو سان ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. صدر آص?? علي زرداري ميڪسيڪو جي صدر جي ڪاميابي ۽ ميڪسيڪو جي خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.