اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته فري لانسرز جي ??وا??ي سان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي. ايندڙ بجيٽ ۾ آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪرنٽ ۽ ڊولپمينٽ ٻنهي محاذن تي نمايان فنڊ ر??يا ويا آهن. ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻايو ويندو. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران هن ٻُڌايو ته هن وقت اسان جي آءِ ٽي جي روانگي واپار 3.5 رب ??ال?? آهي جنهن کي 7 کان 8 ارب ??ال??ن تائين وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ننڍن ۽ وچولي د??جي جي ڪاروبارن لاءِ جيڪا فنانس ٿيڻي هئي اها نه ٿي آهي، ننڍن ڪاروبارن لاءِ بئنڪن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. گذريل ڪجهه هفتن کان اسان جي گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ پاڪستان بئنڪرز ايسوسيئيشن سان ان ??وا??ي سان ميٽنگون ٿيون آهن، ان ميٽنگز ۾ زراعت، آءِ ٽي ۽ ايس ايم ايز لاءِ فنانسنگ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن شعبن لاءِ بجيٽ سبسڊي تحت به رقم رکي وئي آهي. ايس ايم ايز جي فرسٽ لاس جي گارنٽي حڪومت ڏيندي، اهڙيءَ طر?? ايڪسپورٽ فنانسنگ جو شعبو هاڻ ايگزم بئنڪ کي منتقل ٿي رهيو آهي، جنهن سان ايس ايم ايز کي فائدو پهچندو.