اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر کي پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪامي??بي تي مبارڪباد ڏني آهي. نائب وز??راعظم سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي خوشي واري پيغام ۾ چيو ته آئون برطانيا ۾ پارلياماني چونڊن ۾ تاريخي ڪامي??بي تي ليبر پارٽي جي اڳواڻ ڪيئر اسٽارمر کي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا گڏيل تاريخ ۽ عوام سان عوام جي وچ ۾ گهري ۽ وسيع البنياد لاڳاپا رکندڙ آهن. نائب وز??راعظم ان اعتما?? جو اظ??ار ڪيو ته سر ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا ۽ ٻئي ملڪ عالمي امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.