اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) افغانستان بابت پاڪستان جي خصوصي ن??ائ??دي سفير آصف عل?? خان دراني دوحه ۾ گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ افغانستان بابت خصوصي ايلچين جي دوحه ٽئين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي خصوصي ن??ائ??دي اجلاس ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. هن افغانستان جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ افغانستان جي پناهگاهن مان ٽي ٽي پي جي دهشتگرد سرگرمين سان لاڳو خطري کي اجاگر ڪيو. ترجم??ن چيو ته پاڪستان ۽ افغان عبوري حڪومت جي وچ ۾ پهرين جولاءِ 2024ع تي ٻطرفا اجلاس ٿيا جن ۾ ڌرين امن ۽ سلامتي سميت گڏيل ڳڻتي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان علائقائي استحڪام ۽ پرامن?? مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير آصف عل?? خان دراني دهشتگردن جي پناهگاهن ۽ افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي سپورٽ نيٽ ورڪس بابت پاڪستان جي خدشن کي پڻ اجاگر ڪيو. ترجم??ن چيو ته ان موقعي تي پاڪستاني ن??ائ??دي آمريڪا، چين،قطر، روس، ازبڪستان، يورپي يونين، برطانيا، ناروي ۽ هالينڊ جي وفدن سان لاڀائتي ملاقات ڪئي. پاڪستاني وفد پاڪستان، افغانستان، ازبڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ چار ڌريي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ترجم??ن چيو ته ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ افغانستان جي رستي پاڪستان کي ازبڪستان سان ڳنڍيندڙ ريلوي م??صو??ي جو جائزو ورتو ويو.