ڪوئٽا -26 آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ هٿياربندن 23 مسافرن کي گاڏين ما?? لاهي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. ضلع موسيٰ خيل جي سپرنٽينڊنٽ پوليس ايوب اچڪزئي موجب واقعو پنجاب بلوچستان جي قومي شاهراهه تي راڙاشم ويجهو پيش آيو. ايس پي شهرين جي مارجڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ان واقعي ۾ 23 ڄڻن کي گاڏين ما?? لاهي قتل ??يو ويو. ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته لاشن کي مقامي اسپتال منتقل ??يو ويو آهي. ايوب اچڪزئي ٻڌايو ته هٿياربند پنجاب سان تعلق رکندڙ 6 ماڻهن کي مسافر گاڏين ما?? لاٿو جڏهن ته باقي 17 ڄڻن کي ڪوئلي سان ڀريل ٽرڪن ما?? لاهي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ کين فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. موسيٰ خيل ۾ جنهن هنڌ هي واقعو پيش آيو اتي هٿياربندن بي رحماڻي ڪارروائي کان پوءِ 10 کان وڌيڪ گاڏين کي به باهه ڏئي ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند شاهراه تي ناڪو لڳائي مسافرن کي بسن ۽ ٽرڪن ما?? لاهي سڃاڻپ کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو.