اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسا?? جي عدالتي نظام ۾ سڌار?? جي سخت ضرورت آهي، ماڻهن کي ڪيترن ئي سالن تائين انصاف نٿو ملي، سستي انصاف جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون آهن، انهن سڌارن لاءِ هن ايوان جون ڪجهه ذميواريون آهن، عدالتن ۾ موڪلن جو قانون انگريز جي دؤر کان ??لندو پيو وڃي، جڏهن بحري جهازن ذريعي هو ڊيوٽين تي ايندا هئا ۽ کين پنهنجن ٻارن سان ??لڻ لاءِ 8 هفتن جون موڪلون ڏنيون وينديون هيون، حڪومت جڏهن قانون آڻيندي ته علي الاعلان سان آڻيندي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ دانيال چوڌري عدالت سڳوريءَ ۾ ججن جو انگ (ترميمي) بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت گُهري. هن ٻُڌايو ته هي بل جڏهن آيو تڏهن آبادي 16 ڪروڙ هئي، هاڻ 25 ڪروڙ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ 34 هزار ڪيس التوا هيٺ آهن. عدالت تي ڪيسن جو بار آهي. گوهر عل?? خان چيو ته قاعدن تحت ان تي نجي بل نٿو آڻي سگهجي، جج?? جي انگ کي وڌائڻ حڪومت جو اختيار آهي ۽ اهو حڪو??تي بل ذريعي ممڪن آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته جج?? جي انگ?? جي حوالي سان بحث ٿيڻ گهرجي. ان تي سينيٽ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسا?? جي آبادي 25 ڪروڙ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 آهي. برطانيه ۾ 6.5 ڪروڙ آبادي تي 12 ججن آهن، جج?? جي اسپيشلائزيشن به اهم آهي. سينيٽ ۾ اهڙو بل ڪميٽيءَ کي ڏنو آهي، صوبائي حڪومت ڪي پي ڪي طرفان ضم ٿيل ضلعن کانپوءِ ججن جو انگ وڌائڻ جي تجويز آئي هئي، جنهن تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، 10 ججن جو اضافو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فوجداري پروسيجر ۽ قانون شهادت ۾ سڌارن لاءِ 5 مهينن کان ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته هر شيءِ کي تعصب سان ??ه ڏسڻ گهرجي.