راولپنڊي – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج جي آپريشنل ت??ار??ن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ر??ولپنڊي ۾ آرمي وار گيم جي پڄاڻي واري سيشن ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي تازي وار گيم ۽ پاڪستان فوج جي سمورن ممڪن خطرن جي حوالي سان آپريشنل ت??ار??ن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. دفاع وارو وفاقي وزير، ناڻي وارو وفاقي وزير، اطلاعات وارو وفاقي وزير آرمي چيف ۽ سينيئر عسڪري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان فوج جي آپريشنل ت??ار??ن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ خطي ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام جي قيام ۽ ائٽمي ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي هٿياربند فوج جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن جارحيت جي صورت ۾ دشمن تي جوابي ضرب کي ??قيني بڻائيندڙ روڪٿام جي نظام کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جديد حربي تصورن ۽ سڌارن کي ساراهيو. عسڪري قيادت قومي خودمخت??ار?? ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اها ڳالهه ورجائي وئي ته پاڪستان جي فوج موجوده سيڪيورٽي چئلينجز کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ ڪنهن به جارحيت کي ??اڪام بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي صلاحيتن ۾ مسلسل اضافو جاري رکندي.