نيويارڪ -28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ جو پنجن ڏينهن جو دورو مڪم?? ڪرڻ بعد وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي ک?? خطاب سميت مخ??لف ملڪن جي سربراهن سان ٻه طرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون. گڏيل قو??ن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ، نيويارڪ ۾ قو??صل جنرل عامر اتوزئي ۽ گڏيل قو??ن ۾ نائب مستقل نمائندي عثمان جدون وزيراعظم کي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي 21 منٽن وار?? خطاب ۾ گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي ايجنڊا جي سمورن معاملن جو جائزو پيش ڪيو، جنهن ۾ فلسطين ۽ ڄمون ڪشمير سميت پراڻن مسئلن کي ح?? ڪرڻ جو ڀرپور مطالبو پڻ ڪيو. وزيراعظم سيشن جي موقعي تي سربراهي اجلاسن ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ سمنڊ جي سطح ۾ اوچائي سبب پيدا ٿيل موجوده خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۽ ليڊرشپ فار پيس تي گڏيل قو??ن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کليو بحث به شامل هو. عالمي اڳواڻن سان گڏ سندس ٻه طرفين ملاقاتن ۾ گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ يو اين جي اي جي صدر فليمون يانگ، برطانيه، ايران، بنگلاديش، نيپال ۽ مالديپ جي وفدن جي اڳواڻن سان گڏوگڏ عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سربراهن سان به ملاقاتون شامل هيون. هن آمريڪي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ۾ خيالن جو اظهار پڻ ڪيو.