اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ?? هن خيبرپختونخواهه جي مجموعي صورتحال، صوبي جي مسئلن ۽ انهن جي حل بابت تجويز?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. خيبرپختونخواهه جي گورنر صوبي ۾ امن امان، معاشي استحڪام سميت عوام جي ڀلائي بابت کنيل قدم?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي گورنر صدر آصف علي زرداري کي سوات ?? مالم جبا جي وچ ۾ غيرملڪي سفارتڪارن جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي ۽ صوبي جي ڏاکڻي ضلعن توڙي ضم ڪيل قبائلي ضلعن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافي ۽ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي آگاهي ڏني. صدر آصف علي زرداري صوبي جي بهتري جي ??اء?? گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.