اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ گذريل رات پيش ايندڙ المناڪ واقعي جي پرزور مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس گذريل رات ڪراچي ۾ ان ڪڌي واقعي تي ??هرو صدمو پهتو آهي. اسان ??ن واقعي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا ۽ چيني قيادت، چيني عوام ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان ??لي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن زخمي چيني شهري جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان واقعي ۾ ملوث شرپسند پاڪستاني ن?? ٿا ٿي سگهن پر اهي پاڪستان ??ا دشمن ??هن. ان ۾ ملوث عنصرن جي نشاندهي جي لاءِ جاچ جاري آهي ته جيئن انهن کي انص??ف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي چيني دوستن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان ??نهن جي سلامتي ۽ حفاظت جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين.