راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر وزيرستان جي ضلعي جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمدعلي شوڪت سميت پاڪ فوج جي شهيد 6 جوانن جي جن??زي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت شهيد (عمر 43 س??ل، رهواسي فيصل آباد)، لانس نائيڪ محمد الله شهيد (عمر 29 س??ل، رهواسي خيبر)، لانس نائيڪ اخ??ر زمان شهيد (عمر 30 س??ل، رهواسي لڪي مروت)، لانس نائيڪ شاهد الله شهيد (عمر 29 س??ل، رهواسي ٽانڪ)، لانس نائيڪ يوسف علي شهيد (عمر 31 س??ل، رهواسي اورڪزئي) ۽ سپاهي جميل احمد شهيد (عمر 26 س??ل، رهواسي سوات) گذريل ڏينهن دهشتگردن سان بهادريءَ سان م??ابلو ڪندي شهادت ماڻي، جن کي سندن اباڻن ڳوٺن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان م??يءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جن??زي نماز ۾ سينيئر حاضر سروس فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقن جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي شيهدن جون اهي قربانيون دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ ۾ اسان جي عزم ۽ حوصلي کي تقويت بخشين ٿيون.