اسلام آباد-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستان جي سفير فيصل نياز ترمذي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع م??قع?? موجود آهن ۽ يو اي اي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه گڏيل عرب امارتن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي چيئرمين احمد جاسم الزابي سان ملاقات ۾ ڪئي. احمد جاسم الزابي ابوظهبي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ابوظهبي، ڊيپارٽمنٽ آف اڪنامڪ ڊولپمنٽ جو چيئرمين به آهي. پاڪستان جي سفير احمد جاسم الزابي جي مقرري تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي اقدمن ۽ ابوظهبي چيمبر جي اقتصادي ترقي ۾ ڪردار کي ساراهيو. ملاقات دوران ڌرين گڏيل عرب امارات جي چيمبرز ۽ پاڪستان جي چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽري وچ ۾ سهڪار وڌائڻ ۽ ٻطرفي واپار لاءِ گڏيل ڪار??با??ي منصوبن جي شروعات تي ڳالهه ڪئي. پاڪستان جي سفير، احمد جاسم الزابي کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي طريقي ڪار ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ حڪومت طرفان فراهم ڪيل سهولتي قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ان??ارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع م??قع?? موجود آهن ۽ يو اي اي جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. سفير، گڏيل عرب امارات جي چيمبرز جي ڪار??با??ي وفد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني. ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار ۾ اضافي، واپاري سهولتن جي فراهمي ڪار??با??ي لاڳاپن جي قيام، اور جي آءِ ٽيڪس ۽ ٽيڪسپور جهڙي واپاري نمائشن ۾ شرڪت تي به اتفاق ڪيو.