اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي وطن پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد نواز خان ??دون چيو آهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم(ايس سي او) اجلاس جي موقعي تي پاڪستان ??حريڪ انصاف طرفان ??سلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ ا??تشار پکيڙڻ جي برابر آهي. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج هر سياسي پارٽي جو حق آهي جڏهن ته وقت جي نزاڪت جو ادراڪ به ضروري آهي، ايس سي او اجلاس جي موقعي ??ي اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏيڻ ا??تشار پکيڙڻ جي برابر آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي پنهنجي ڏنل سڏ تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، بار بار احتجاج جي سڏ سان هاڻي عوام به پريشان ٿي وئي آهي.