اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي واقعي تي بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخي?? ۽ ??لوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان واقعي جي ??رز??ر مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم کاڻين جي کوٽائي ڪندڙن تي دهشتگردن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ مارجي ويل پورهيتن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هر قسم جي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، دهشتگردي کي برداشت نه ڪيو ويندو. و??ير??عظم چيو ته شهيدن جي خاندانن سان گڏ بيٺل آهيون، وفاقي حڪومت شهيدن جي خاندانن جي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. و??ير??عظم واقعي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي.