اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو وزي??اع??م لي چيانگ سومر ڏينهن چئن ڏينهن جي ٻطرفي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. چين جو وزي??اع??م سندس دوري دوران ملڪي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. چين جي وزي??اع??م سان گڏ وزير ۽ اعليٰ عملد??رن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد به آهي جنهن ۾ ناڻي ۽ واپار واري وزارت، نيشنل ڊيولپمينٽ ۽ ريفارم ڪميشن ۽ چين جي عالمي ترقياتي ايجنسي جا آفيسر به شامل آهن. چين جي ڪنهن به وزي??اع??م جو گذريل 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جو هي پهريون دورو آهي.
نور خان ايئربيس پهچڻ تي وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وفاقي ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملد??رن وزي??اع??م لي چيانگ جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي پاڪستاني لباس پهريل ٻن ٻارڙين معزز مهمانن کي گلدستا پيش ڪيا.
جڏهن ته مهمان وزي??اع??م کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي معزز مهمان کي سلامي پيش ڪئي. چين جو وزي??اع??م بعد ۾ وزي??اع??م هائوس ۾ وزي??اع??م محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو جتي کيس باضابطا آجياڻي واري تقريب ۾گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ ٻئي وزي??اع??م وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندا جنهن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي سمورن رخن جنهن ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا ۽ چين پاڪستان اقتصادي لن??هه تحت تعاون تي مٽاسٽا ڪئي ويندي.
ڌريون چين پاڪستان اقتصادي لن??هه جي ٻئي مرحلي (سي پيڪ 2) ۽ ٻين ميگا پراجيڪٽس سميت ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي به صحيحون ڪندا.
چين جو وزي??اع??م گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح پڻ ڪندو. پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران چين جو وزي??اع??م صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان جي پارلياماني اڳواڻن ۽ اعليٰ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ هو 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو.