اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي)رٿا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال هندو ب??ادري کي ڏياري جي پرمسرت موقعي تي دل جي گهرا??ين سان مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ هندو ب??ادري سميت سمورن اقليتن جو ڪردار اهم آهي ۽ سندن ترقي لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ اسانجي پهرين ترجيح آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي حڪومت هندو ب??ادري سميت سمورن اقليتي برادرين جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ سندن ڀلائي لاءِ هر مم??ن قدم کڻندي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۾ هر شهري جو ڪردار آهي ۽ حڪومت اقليتن سميت سڀني کي برابر موقعا فراهم ڪري هڪ اهڙي مضبوط، توانا ۽ خوشحال معاشري جي جوڙجڪ تي يقين رکي ٿي جتي سڀ گڏجي ترقي جي ثمر مان فائدو کڻي سگهن.