راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پ?? پي) اٽلي بحريه جا ايئرڪرافٽ ڪيريئر ڪاوور ۽ فريگيٽ الپينو پاڪستان جي دؤري تي پ??چي ويا. ڪراچي بندرگاهه تي ايندڙ اهو اٽلي جو پهريون ايئرڪرافٽ ڪيريئر آهي. آءِ ايس پي آر موجب جهاز جي ڪراچي پ??چڻ تي پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن ۽ اٽلي جي سفير جهازن جو استقبال ڪيو. اٽلي جي جهاز سان گڏ اٽلي نيوي جا اعليٰ عملدار ۽ دفاعي صنعت جي وفد به ڪراچيءَ جو دؤرو ڪيو. ڪمانڊر ڪراچي وائيس ايڊمرل فيصل ع??اسي اٽلي ايئرڪرافٽ ڪيريئر جو دؤرو ڪيو. اٽلي جي سفير ۽ بحريه جي اعليٰ عملدارن ڪمانڊر پاڪستان فليٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ ??ست??بل ۾ بحري ڀائيواري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري دوران پاڪستان بحريه ۽ اٽلي ايئرڪرافٽ ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ خاص طور تي جديد F-35 Lightning II ويڙهاڪ جهاز مختلف مشقون به ڪندا. اٽلي جي سفير جو چوڻ هو ته پاڪ بحريه خطي جي اهم بحري قوت آهي ۽ پاڪ- اٽلي معاشي ۽ دفاعي سهڪار جا روشن امڪان آهن.