اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران غزه ۽ لبنان جي جنگ سٽيل عوام جي لاءِ فلاحي بنياد تي امداد جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي کان ٻي امدادي کيپ لبنان جي لاءِ رواني ڪئي وئي آهي. الخدمت فائونڊيشن جي تعاون سان اين ڊي ايم اي پاران رواني ڪي?? ان امدادي کيپ ۾ دوائون، تيار گوشت، خيمن، فراسين، گرم بسترن، گرم ڪپڙن ۽ خشڪ کير تي ٻڌل اٽڪل 100 ٽن سا??ان لبنان جي لاءِ روانو ڪي?? ويو. امدادي سا??ان سڌوسنئون هوائي جهاز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي کان بيروت لبنان جي لاءِ روانو ٿيو. سا??ان روانگي جي تقريب ۾ اين ڊي ايم اي، پرڏيهي وزارت ۽ الخدمت فائونڊيشن جي نمائندن ۽ مقامي انتظاميا جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي موجود هئي. هن فلسطين ۽ لبنان ۾ جنگي صورتحال ۽ اتان جي عوام جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي متاثر آبادي کي امداد فراهم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن مصيبت ۾ گهيريل ڀينرن ڀائرن جي مدد لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪي?? ۽ انهن ڪوششن کي وڌائڻ جي لاءِ فلاحي تنظيمن ۽ پاڪستاني عوام جي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان پاران فلسطين ۽ لبنان جي لاءِ امدادي سا??ان جي اها ٻارهين کيپ آهي. ان کان اڳ فلسطين جي لاءِ 10 امدادي کيپون جڏهن ته لبنان جي لاءِ خميس ڏينهن ٻي امدادي کيپ پهچي وئي. پاڪستان حڪومت لبنان ۽ فلسطين جي جنگ سٽيل عوام جي ضرورتن موجب امدادي سا??ان موڪلڻ جي سلسلي کي جاري رکيو آهي. واضح رهي ته 11 آڪٽوبر 2024ع تي اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز ۾ ٿيندڙ ميٽنگ دوران وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم جي هدايت تي غزه ۽ لبنان جي لاءِ وزيراعظم ريليف فنڊ جي نالي سان هڪ خصوصي اڪائونٽ قائم ڪرڻ جو اعلان به ڪي?? هو جن??ن جي ذريعي عوام پاران عطيو ڪي?? امداد گڏ ڪئي ويندي ته جيئن غزه ۽ لبنان جي مشڪل ۾ ورتل ڀينرن ڀائرن جي مدد ڪري سگهجي.