اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ بنا روڪ ٽوڪ جاري آهي، اسرائيلي قابض فوج والاريل فلسطين ۽ لبنان ۾ ڇوٽ سان ڪارروايون جاري رکيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پر??س بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان بيت لاهيه تي اسرائيل جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 80 کان و??يڪ فلسطيني ??هيد ٿيا آهن. ترجمان چيو ته اسرائيل جو اتر غزه جو گهيراءُ ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ انساني ??ورتحال انساني ??مير تي ڌٻو آهي. هن چيو ته بنا وارننگ جي گنجان آباد رهائشي علائقن کي نشانو بڻائڻ ۽ شهرين کي خوراڪ، پاڻي ۽ ضروري دوائن کان محروم ڪري انهن کي گڏيل سزا ڏيڻ جنگي ڏوهه آهي. هن چيو ته اسرائيل لبنان ۾ شهري آبادي جي خلاف پنهنجي جارحيت جاري رکي آهي، گڏيل ق??من جا امن دستا اسرائيلي جارحيت جو تازه ترين شڪار بڻجي ويا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان ۾ گڏيل ق??من جي يو اين آءِ ايف ايل جي امن دستن تي اسرائيلي فوج جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرقانوني ??ملن جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اسرائيل تي دٻاءُ وجهي ته هو يو اين آءِ ايف ايل جي خلاف سمورا جارحاڻا قدم فوري طور تي بند ڪرڻ سان گڏوگڏ فلسطين ۽ لبنان جي عوام جي خلاف حملا بند ڪري. ترجمان چيو ته اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي پڻ جوابده بڻائڻ گهرجي ۽ فلسطيني ??وام کي اسرائيلي جارحيت کان بچائڻ گهرجي.