اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرئين ملڪ مقرر ٿيندڙ آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ت?? اهي پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ جي ??والي سان پڻ موقعا ڳولين، پاڪستان جي مفادن کي سدائين مٿانهون رکن، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو تشخص اجا??ر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪن، پاڪستان مان هنرمند افرادي قوت جي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن ڇو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن جن جي ڪري ار??ين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ نئين مقرر ٿيندڙ ڪميونٽي ۽ ليبر ويلفيئر اتاشين ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته مون کي اطمينان آهي ت?? توهان ماڻهن جي مقرري هڪ انتهائي شفاف عمل جي ??ريعي ٿي آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڀلائي ت??هان جي ??ولين ترجيح هجڻ گهرجي، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن جن جي ڪري ار??ين ڊالرز جو قيمتي پرڏيهي ناڻو پاڪستان پهچي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي مفادن کي سدائين مٿانهون رکو، ٻاهرئين ملڪ پاڪستان جو تشخص اجا??ر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪريو، پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري آڻڻ جي ??والي سان پڻ موقعا ڳوليو. آفيسرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل اسٽيشنز جي ??والي سان پنهنجي ??ڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيسرن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم ج?? خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم ج?? ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.