اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) آذربائيجان جي گاديءَ وا??ي شهر باڪو ۾ جاري گڏيل قومن جي ڪاپ-29 اجلاس ۾ سومر تي پاڪستان پويلين تي 6 تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه وزيراعظم جي موسمياتي تبديليءَ بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خ??رشيد عالم ٻُڌائي. موسمياتي تبديلي وا??ي وزارت مان جاري بيان موجب هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ وا??ي وزارت پاڪستان جي موسمياتي خطرن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن کي ڪاميابيءَ سان پيش ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ موسمياتي تبديلي، فضائي گدلاڻ، برقي گاڏين، نوجوانن جو موسمياتي خطرن ??ي انتظام ۾ ڪرد??ر ۽ موسمياتي سبز سيڙپڪاري تي پاڪستاني پويلين تي اڄ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. هي تقريبون رومينه خ??رشيد عالم ??ي اڳواڻيءَ ۾ ترتيب ڏنيون پيون وڃن. مختلف ملڪن مان موسمياتي اڳواڻ، سياستدان، ميڊيا جا نمائندا، شاگرد ۽ محقق تقريبن ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن.