اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي ز??داري بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آه?? ته دهشتگردن کي صوبي جو امن خراب ڪرڻ ۽ ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏ??ند??سين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آواران، ڊيره بگٽي ۽ ڪيچ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. صد?? چيو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ مختلف ڪاررواين ۾ 4 دهشتگردن کي بهادري سان جهنم واصل ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ، ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏ??ند??سين ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏ??ند??سين. آصف علي ز??داري چيو ته دهشتگردي جي خلاف فورسز جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آه??. صدر دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي قومي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.