اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات
واري وفاقي وزير عبدا??عل??م خان چيو آهي ته يورپ لاءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر
لائين(پي آءِ اي) جي اڏامن جي شروعات سٺي ڳالهه آهي، هي فلائيٽ آپريشن هن
اداري جي ن??ڪاري لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، انشاءُ الله جلد ئي پي آءِ اي کي
برطانيه ۽ آمريڪا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي، پي آءِ اي جي
نجڪاري جي هن وقت تائين جي اڳڀرائي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هاڻي
ماڻهن کي يقين ٿي ويو آهي ته هو يورپ لاءِ پي آءِ اي ۾ سفر ڪري سگهندا.
وفاقي وزير عبدا??عل??م خان چيو ته انشاءُ الله جلد ئي پي آءِ اي کي برطانيه ۽
آمريڪا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي. وفاقي وزير چيو ته پي آءِ
اي جي ن??ڪاري ۾ ايندڙ مسئلا ختم ٿي چڪا آهن، هاڻي تيزي سان مرحلا طئي
ٿيندا. هن چيو ته پي آءِ اي جي وڪري لاءِ آءِ ايم ايف ٻن اهم اشوز کي منظور
ڪري ورتو آهي، نون جهازن جي خريداري تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم
ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي سمورن نقصانن کي هولڊنگ ڪمپني ۾
منتقل ڪنداسين، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز کي ڪنهن به پراڻي بقايائن جي
رقم جي ادائيگي کانسواءِ وڪرو ڪنداسين. عبدا??عل??م خان چيو ته انهن سڌارن
کانپوءِ ان??يس??رز لاءِ پي آءِ اي جي خريداري وڌيڪ پرڪشش ٿي ويندي، پي آءِ
اي جي پرائي??يٽ??ئيزيشن لاءِ معاملا تيزي سان اڪلايا پيا وڃن، جلد خوشخبري
ملندي.