اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف اسرائيل جي لب??ان جي خلاف فوجي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي لب??ان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف ڪالهه سومر ڏينهن لب??ان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ لب??ان جي لاءِ جنگبندي جي معاهدي جي آجيان ڪئي ۽ فلسطين جي عوام جي لاءِ پڻ اهڙي طرح جي معاهدي جي ضرورت تي زور ڏنو. لب??ان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻي ۽ گرمجوشي تي ??ڌل لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ??ه پوري پاڪستاني قوم هن مشڪل وقت ۾ لب??ان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي، ان جذبي تحت پاڪستان لب??ان ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪئي ۽ مستقبل ۾ پڻ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. ٻنهي اڳواڻن شام جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم بيروت جي رستي شام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شه??ين جي فوري انخلا ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ نجيب ميقاتي جي ذاتي ??داخلت ۽ مدد جي درخواست ڪئي. لبناني وزيراعظم ميقاتي اسرائيل جي فوجي جارحيت جي خلاف پاڪستان جي اصولي موقف تي ??زيراعظم محمد شه??از شريف جا ٿورا مڃيا. هن چيو ??ه اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گرمجوشي تي ??ڌل ڀائراڻن لاڳاپن جو هڪ مثال آهي. هن وزيراعظم محمد شه??از شريف کي يقين ڏياريو ??ه لب??ان شام مان پاڪستانين جي انخلا ۾ هر ممڪن مدد ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم محمد شه??از شريف شام ۽ لب??ان ۾ مقرر پاڪستاني سفيرن سان پڻ رابطو ڪيو ۽ انهن کي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي حوالي سان هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.