اسلام ??باد – 30 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم ا??رنگزيب ملڪ جي مختلف حصن ۾ صحافين ۽ صحافتي ادارن جي توهين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم محمد نوا?? شريف جي هدايتن تي پاڪستان اندر صحافت جي آزادي سان گڏوگڏ صحافين جا حق متاثر نه ٿيڻ ڏينداسين، صحافين ۽ صحافتي ادارن جي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي جي لاءِ اطلاعات واري وزارت هر ممڪن صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهي آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران پي ايف يو جي جي اهتمام هيٺ آزادي صحافت ريلي کي خطاب ڪري رهي هئي. پي ايف يو جي جو صدر افضل بٽ، نيشنل پريس ڪلب جو صدر شڪيل انجم، ٻين صحافتي گروپن جا اڳواڻ ۽ سوين صحافي ان موقعي تي موجود هئا. صحافي برادري پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ جي قيادت ۾ نيشنل پريس ڪلب اسلام ??باد کان ريلي ڪڍي، مملڪتي وزير مريم ا??رنگزيب خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪنهن به صحافي جو مطا??بو منهنجو مطا??بو آهي، هر جائز مطالبي تي آئون صحافين سان گڏ بيٺل هوندي آهيان ۽ بيٺل رهنديس.