اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪ??ءَ جي وچ ۾ دفاعي ۽ واپاري لاڳاپن جي فروغ لاءِ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي، پاڪستان سيڙپڪار دوست ملڪ آهي ۽ سڄي دنيا خاص طور تي ترڪي جا سيڙپڪار ان موقعي مان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن اها ڳالهه ترڪ??ءَ جي دفاع واري وزير جنرل (ر) هولوسي اڪار سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ هتي ساڻس ملاقات ڪئي.