اسلام آباد ??? 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فورس ڊي ملهايو پيو وڃي. ٽائيگر فورس ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار آهي. ملڪ ۾ پهريون ??يرو وڻڪاري مهم جي لاءِ جديد ٽڪينالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان ٽائيگر فورس اي??ليڪيشن ۾ گرين سيلفي فيچر جي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي??ليڪيشن ۾ جيو ٽيڪنگ جي خصوصي سهولت پڻ متعارف ڪرائي وئي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب اي??ليڪيشن ذريعي لڳايل ٻوٽن جي لائيو لوڪيشن ۽ انگ معلوم ڪري سگهجي ٿو. ٻوٽا لڳائيندڙ رضاڪار اي??ليڪيشن ذريعي پنهنجي گرين سيلفي اپ لوڊ ڪري سگهندا. نوجوانن اي??ليڪيشن جو استعمال ڪندي ڪجهه ڪلاڪن دوران 16 هزار ٻوٽا لڳايا. خصوصي اي??ليڪيشن پنجاب انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي تعاون سان تيار ڪئي وئي. وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ??يرو ڊيجيٽل وڻڪاري مهم شروع ٿي آهي، ڪراچي کان خيبر تائين لڳايل هڪ هڪ ٻوٽي جو لائيو رڪارڊ ستياب هوندو، اڪثر مخا??ف ڌر ميمبرن کي بوٽا ڳڻڻ جو شوق رهي ٿو، هن چيو ته مخا??ف ڌر ميمبر اي??ليڪيشن ڊائون لوڊ ڪري گهر ويٺي ٻوٽو لڳائي سگهندا، چاهين ته تجربي طور پنهنجي گهر ۾ ٻوٽو لڳائي لائيو اپ ڊيٽ ڏسي وٺن.