اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ حڪمران ??شرافيا ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر کي وڌڻ نه ڏنو، اڳوڻن حڪمرانن 10 سالن ۾ ملڪ تي قرض 6 هزار ارب رپين مان 30 هزار ارب رپين تائين پهچائي ڇڏيو، ملڪ تي قرض چاڙهيندڙن کي سزائون ملڻ گهرجن، ٽيڪس وصولي ۾ اضافو حڪومت جي لاءِ هڪ چئلينج آهي، اڳوڻا حڪمران ٻاهرئين دورن تي عوام جو پئسو بيدردي سان ??رچ ڪندا رهيا، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم مالياتي معاملن ۾ شفافيت جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو، ٽيڪس گڏ ڪندڙن ۽ ٽيڪس ڏيندڙن ۾ فاصلا ختم ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس وصولي وڌندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر جي ٽريڪ اينڊ ٽريس نظام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 2008ع کان ملڪ ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي پئي وئي، ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين ۽ ايف بي آر جي ٽيم نئون سسٽم جاري ڪرڻ تي مبارڪباد جي مستحق آهي ڇو ته مون کي اهو شڪ پوڻ شروع ٿي وي?? هو ته شايد اهو اسان ??ي 5 سالن ۾ مڪمل ??ه ٿئي، 2021ع ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سستم لاڳو ڪرڻ هڪ وڏي ڪاميابي آ??ي، ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم مالياتي معاملن ۾ شفافيت جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو، ان کان ??ڳ ٽوبيڪو انڊسٽري ۾ اهو سسٽم لاڳو ڪيو هو هاڻي شگر انڊسٽري، پوءِ سيمنٽ، ڀاڻ ۽ اسٽيل انڊسٽري ۾ پڻ اهو لاڳو ٿيندو، اها هڪ تمام مثبت اڳڀرائي آ??ي ۽ ان ??ا ورس اثر پوندا. وزيراعظم چيو ته اسان ??و سڀ کان وڏو مسئلو آهي ته ملڪ کي هلائڻ جي لاءِ پئسو نه آهي ۽ انهي جي ڪري اسان کي قرض وٺڻا پون ٿا، جيڪڏهن توهان ??ا خرچ وڌيڪ ۽ آمدني گهٽ هجي ته مسئلا پيدا ٿين ٿا، دنيا ۾ ماڻهو فراخدلي سان ٽيڪس ڏين ٿا پر پاڪستان ۾ ٽيڪس ڪلچر وڌي نه سگهيو، ٽيڪس چوري کي غلط نه پئي سمجهيو وي??، ان ??و هڪ سبب اهو آهي ته هتي نئين آبادياتي نظام رهيو ته ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ کان پاسو ڪندا هئا، ماڻهن کي جڏهن اهو يقين هجي ته انهن جو ڏنل ٽيڪس انهن تي ئي خرچ ٿيندو ته انهن جو موقف ڪجهه ٻيو هوندو آهي، آزادي کانپوءِ اسان ??ي حڪمران ??شرافيا ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر کي وڌڻ نه ڏنو، انهن جي شاهاڻي طرز زندگي هئي ۽ ماڻهن جي ٽيڪس جو پئسو اهي پاڻ مٿان ??رچ ڪندا هئا ۽ ماڻهو به اهو سمجهندا هئا ته انهن کي عوام جو ڪو احساس نه آهي، انهي لاءِ ٽيڪس ڪلچر کي فروغ نه مليو، ترقي يافته ملڪن ۾ ٽيڪس چوري جو ڪير سوچي به نه ٿو سگهي. وزيراعظم چيو ته انگلينڊ جي جي ڊي پي پاڪستان کان 50 ڀيرا وڌيڪ آهي، انهن جي وزيرن جي طرز زندگي ڏسڻ جي ضرورت آهي ۽ انهن کي ٻڌايو وڃي ٿو ته اهي عوام جي ٽيڪس جو پئسو استعمال ڪري رهيا آهن، انهن جو وزيراعظم آمريڪا جي دوري دوران ??مريڪا ۾ پنهنجي سفارتخاني جي هڪ ڪمري ۾ رهي ٿو ته جيئن وڌيڪ خرچ نه ٿئي، پاڪستان ??هڙي مقروض ملڪ جي وزيراعظم ماضي ۾ پرڏيهي دورن تي ڏهوڻ تي خرچ ڪيو جڏهن ته منهنجي پرڏيهي دورن تي خرچ انهن کان گهٽ رهيا آهن، جڏهن حڪمرانن کي اهو احساس نه هجي ته اهي ماڻهن جي ٽيڪس جو پئسو خرچ ڪري رهيا آهن ته پوءِ ماڻهو به ٽيڪس نه ٿا ڏين. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ملڪي استحڪام جو دارومدار انهي تي آ??ي ۽ ان کانسواءِ اسان ??ڳتي نه ٿا وڌي سگهون، 2008ع کان 2018ع دوران پاڪستان ??و چنئوڻ تي قرض وڌيو، ملڪ تي قرض چاڙهيندڙن کي سزائون ملڻ گهرجن ۽ 10 سالن ۾ 6 هزار ارب رپين مان ملڪ جو قرض 30 هزار ارب رپين تائين پهچايو وي??، ڪو وڏو منصوبو، ڪو ڊيم ۽ بنيادي ڍانچي جو ڪو منصوبو شروع نه ڪيو وي?? جنهن سان ملڪ جي آ??دني ۾ اضافو ٿئي ها. هن چيو ته ٽيڪس وصولي ۾ اضافو حڪومت جي لاءِ هڪ چئلينج آهي، رڪارڊ ٽيڪس اوڳاڙي تي ايف بي آر جي ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ٽيڪس وصولي 6 هزار ارب رپين تائين پهچائينداسين، 6 هزار ارب رپين مان 3 هزار ارب رپيا ته اڳوڻن حڪمرانن جي ورتل قرضن جي ادائيگي تي هليا وي??دا ۽ 3 هزار ارب رپيا 22 ڪروڙ عوام جي لاءِ بچندا، انهن مان ??سان کي ماڻهن جي لاءِ اسپتالون ۽ تعليمي ادارا پڻ ٺاهڻا آهن ۽ ان کانسواءِ تحقيقي سدرگرمين تي پڻ اسان کي رقم خرچ ڪرڻي آ??ي، زراعت جي شعبي ۾ تمام وڌيڪ تحقيق جي گنجائش آهي، ان ۾ به سيڙپڪاري ڪرني پوندي پر انهن سمورن ڪمن جي لاءِ تمام گهٽ پئسو بچي ٿو جنهن جي ڪري اسان کي قرض وٺڻا پون ٿا ۽ پوءِ انهن قرضن تي وياج به ادا ڪرڻو هوندو آهي. هن چيو ته هي سسٽم تڏهن ئي ٺيڪ ٿيندو جڏهنا سان ٽيڪس وصولي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس گڏ ڪندڙن ۽ ٽيڪس ڏيندڙن ۾ فاصلا ختم ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس وصولي وڌندي. وزيراعظم چيو ته آٽوميشن سان ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ سهولت ملندي، ايف بي آر جهڙي طرح ٽيڪس گڏ ڪري رهيو آهي مون 8 ٽريلين ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، اميد آهي ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ??ن تائين اسان پهچي وي??داسين، ايف بي آر جو ٽيڪس وصولي ۾ تمام اهم ڪردار آهي، هڪ طرح سان ٽيڪس وصولي اسان ??و قومي سلامتي جو معاملو بڻجي چڪو آهي ڇو ته اسان کي پنهنجي ٻارن جي لاءِ مالي وسيلن جي ضرورت آهي، 60 کان 65 سيڪڙو اسان ??ي آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي، جڏهن ٽيڪس گڏ ٿيندو ته پوءِ انهن نوجوانن تي اسان ??رچ ڪري سگهنداسين، اهي ئي نوجوان پوءِ ترقي جو سبب بڻجندا. وزيراعظم چيو ته جيئن جيئن ماڻهن کي اسان يقين ڏياريندا وي??داسين ته انهن جو پئسو انهن تي ئي خرچ ٿيندو ۽ شاهاڻا خرچ نه ٿيندا، ڪفايت شعاري جا قدم کنيا پيا وڃن، مهانگائي جي باوجود وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ 110 ڪروڙ رپين جي گهٽتائي ڪئي وئي آ??ي، ماڻهن جو اعتماد وڌندو ته اسان ??ي لاءِ ٽيڪس گڏ ڪرڻ به آسان ٿي وي??دو ۽ صنعتي شعبي کي به ٽيڪس ڏيڻ ۾ مشڪل نه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??نيا جي انهن 5 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي سڀ کان وڌيڪ عطيو ڏين ٿا، شوڪت خانم اسپتال جي لاءِ ماڻهن دل کولي عطيا ڏنا آهن، جيڪڏهن اسان ماڻهن کي ٽيڪس ڏيڻ جي لاءِ قائل ڪريون ۽ انهن کي ٻڌايو ته ملڪ، عوام ۽ ٻارن جي خوشحالي تي اهو پئسو خرچ ٿيندو ته اهي يقينن ٽيڪس ڏيندا، ايف بي آر به مانهن کي اهو يقين ڏياري ته گڏ ٿيندڙ ٽيڪس انهن تي ئي خرچ ڪيو وي??دو. وزيراعظم چيو ته آئون ان ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس وصولي ۾ اضافي جي نگراني ڪندو رهندس. تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ٽيڪس وصولي شفاف بڻائڻ ۾ مدد ملندي، معاشي استحڪام جي لاءِ روينيو ۾ اضافو ضروري آ??ي، رڳو 2 بلين ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا، 15 ملين قابل ٽيڪس ماڻهن جي ڊيٽا گڏ ڪري ورتي آ??ي، ريٽيل جي شعبي ۾ ساليانو 18 ٽريلين جي سيل ٿئي ٿي پر رڳو ساڍا 3 ٽريلين رپيا گڏ ٿين ٿا، ٽيڪنالاجي جي ذريعي اهو مسئلو به حل ڪنداڪسين، ننڍا واپاري فڪر نه ڪن انهن جي لاءِ فڪسڊ ٽيڪس هوندو. هن چيو ته پاڪستان ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان ??يندڙ سال 30 وڏن ۽ 2024ع تائين 10 وڏن ملڪن ۾ شامل ??ي وي??دو.