اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد مذهب، ثقافت ۽ گڏيل اعتماد تي قائم آهي، ملائيسيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي گذريل سال پاڪستان جي ڏهاڙي تي اچڻ ۽ پريڊ جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ ٻنهي مل??ن جي دوستي جو مظهر آهي. ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملائيشيا جو ٻيو دورو ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطر??ن مضبوط لاڳاپن جو عڪاس آهي.