اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات ج?? حوالي سان ٺوس منصوبابندي جي کوٽ ماضي جي حڪمرانن جي نااهلي جو واضح ثبوت آهي، ملڪي ضرورتن ۽ واڌويجهه جي شرح کي نظر ۾ رکندي ٺوس منصوبابندي ۽ حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ۽ ??مو??ن لاڳاپيل کاتن جي گڏيل حصيداري کي فوقيت ڏني وڃي ته جيئن پهچ ۽ متفرق خرچن ۾ ممڪن حد ت??ئين گهٽتائي آڻي عوام کي ممڪن رليف ڏئي سگهجي. هن اها هدايت پيٽروليم مصنوعات ج?? قيمتن جي تعين ۾ اثرانداز ٿيندڙ عمل، موجوده طريقيڪار ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي تحت قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي.